بيهي داڻا

بيهي داڻا: هڪ قسم جو پسارڪو وکر. هي هڪ قسم جي ميوي جو ٻج آهي. اهو ميوو گدري جي قد کان وڏو، هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي. انهيءَ ميوي کي ”بِهي“ چوندا آهن. اُن تان هن تي اهو نالو پيو. طبيبن موجب طبي لحاظ کان هيءَ طاقتور ۽ ٿڌي اثر واري شيءِ آهي. معدي کي خوش ڪري کين طاقت ڏئي ۽ گهڻي اُڃ گهٽائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو